جلال لوڪ گيت

جلال (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري حصي ۾ زالون وندر ورونهه طور ڳائينديون آهن. هن گيت جو موضوع مجاز ۽ محبت تي آڌاريل هوندو آهي. وڇوڙو ۽ محبوب سان ملڻ جي سڪ هن لوڪ گيت جا مرڪزي مضمون آهن. هن گيت جي پس منظر ۾ هڪ عورت پنهنجي ور جلال خان جو انتظار ڪندي نظر اچي ٿي ۽ هوءَ انتظار ڪندي عمر ڪوٽ، ڀٽي ذات ۽ ملتان جي ڇيٽ جي ساراهه پڻ ڪري ٿي. هن گيت ۾ ”جلال“ جو ذڪر تمام گھڻو ڪيل هوندو آهي. ان ڪري ئي هن لوڪ گيت کي ”جلال“ ۽ ”جلالو“ چيو وڃي ٿو. هي ٻئي ساڳئي مقصد ۽ معنيٰ وارا لوڪ گيت آهن. هن گيت جو شعر نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
هان ري جلال خان! ديسان ۾ ديس ڀلو امراڻو
اوڙي جلال خان! ملڪن ۾ سٺو ملڪ امرڪوٽ آهي
مرگھا نيڻي را جلال
(هرڻ جهڙن نيڻن وارا جلال)


هن صفحي کي شيئر ڪريو